زائر نظام

زائر نظام

زائر نظام

زائر، نظام: مشهور اديب ۽ شاعر نظام ’زائر‘ جو پورو نالو نظام الدين ولد سونهارو بلوچ آهي. سندس جنم، خيرپور شهر ۾ پهرين آگسٽ 1944ع تي ٿيو. هن پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول سائده محلي ۽ پي. سي اسڪول خيرپور مان حاصل ڪئي. 1955ع ۾ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ داخل ٿيو، جتان 1962ع ۾ مئٽرڪ ڪيائين. 1964ع ۾ بي. اي ۽ 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي ڪيائين. سيشن ڪورٽ خيرپور جي احاطي ۾ 1965ع کان وٺي ’پٽيشن رائيٽر‘ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو اچي ٿو ۽ هن وقت اُتي پنهنجي آفيس اٿس. هن کي قانوني ڄاڻ تي ايڏو عبور حاصل آهي، جو پنهنجي وقت جا ناميارا وڪيل سيد غوث علي شاهه، اسلم جعفري، سيد قائم علي شاهه، عبدالحميد ڏوگر (جيڪو اڳتي هلي چيف جسٽس آف پاڪستان ٿيو) ۽ سيد زوار حسين وغيره پنهنجا ڪيس نظام ’زائر‘ کان ڊرافٽ ڪرائيندا هئا.
نظام ’زائر‘ 1967ع ڌاري ڪجهه غزل لکيا، پر شاعريءَ جي باقاعدي شروعات 1973ع کان ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس اُستاد ۽ رهنما عطا محمد ’حامي‘ هو، نظام ’زائر‘ بزم سچل سرمست ۽ سچل ادبي سنگت جي بانين مان آهي، جنهن ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ائڊوڪيٽ سرائي اعجاز حسين منگي هو، جيڪو اڳتي هلي جج ٿي رٽائر ٿيو. هي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو خاص صحبتي رهيو آهي، ريڊيو، ٽي. وي ۽ مقامي مشاعرن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت خيرپور ۽ سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن خيرپور 1982ع ۾ سندس ڪتاب شايع ڪرايو، جنهن جي مهورتي تقريب جي صدارت تنوير عباسيءَ ڪئي هئي ۽ خاص مهمان اُن وقت جو وزير تعليم غوث علي شاهه هو. نظام ’زائر‘ جي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ”سوچ سوچ ساگر“ اشاعت هيٺ آهي. هي ريڊيو خيرپور جي ادبي پروگرامن جا اداريا/اسڪرپٽ به لکندو رهيو آهي. جيڪي پڻ سهيڙي ڇپائڻ جو ارادو رکي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.08.01  عيسوي

مشهور اديب ۽ شاعر نظام ’زائر‘ جو پورو نالو نظام الدين ولد سونهارو بلوچ آهي. سندس جنم، خيرپور شهر ۾ پهرين آگسٽ 1944ع تي ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

روشن گولاڻي ڊاڪٽر
چاولا ارجن
قابل ڏاهري
چندو لال جئسنگهاڻي
شعبان بخت
ڄيٺانند ڀاونداس لعلواڻي
غلام حسين مشتاق سچاروي
ليلارام رچنداڻي
انيس گل عباسي
دين محمد ڪلهوڙو ڊاڪٽر
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون